21 بدھ , نومبر 2018

دهشتگردي ۽ انتها پسنديءَ جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي: ڪعبي جو امام

imam e kabaaلاهور (ويب ڊيسڪ) ڪعبي جي امام شيخ صالح بن ابراهيم آل طالب جو چوڻ آهي ته اسلام امن ۽ محبت جو دين آهي ۽ دهشتگردي ۽ انتها پسنديءَ جو دين سان ڪو تعلق نه آهي، لاهور ۾ جماعت اسلاميءَ جي مرڪز منصوره ۾ فجر نماز جي امامت کان پوءِ پنهنجي بيان ۾ ڪعبي جي امام جو چوڻ هو ته سموري دنيا جا مسلمان پاڪستان طرف اميد جي نظر سان ڏسندا آهن، الله پاڪستان کي هر قسم جي براين ۽ شُر کان محفوظ رکي ۽ مسلم امت جي حفاظت فرمائي. ڪعبي جي امام چيو ته اسلام اعتدار ۽ محبت جو دين آهي، دهشتگرديءَ ۽ انتها پسنديءَ جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، الله پنهنجي مخلص بندن جي هٿان دين جي حفاظت ڪرائيندو آهي جڏهن ته مسلمانن جي بقا اتحاد ۾ ئي آهي ۽ الله جي گھر خانه ڪعبه کي خطرو مسلمان اتحاد کي خطري جي برابر هوندو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے