19 پیر , نومبر 2018

سکر : شڪارپور روڊ تي سي ٽي ڊيءَ جي ڪارروائي، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، ساٿي فرار

Sukkurسکر (ويب ڊيسڪ) سکر شڪارپور روڊ تي سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي دوران ڪامران نالي مبينا دهشتگرد مارجي ويو، ايس پي سي ٽي ڊي عرفان سمي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، سندس تعلق پابندي پيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان هو، سي ٽي ڊي ذريعن موجب سکر شڪارپور روڊ تي ڳجهي اطلاع تي ناڪابندي ڪئي وئي، جنهن دوران موٽر سائيڪل سوار دهشتگرد پوليس کي ڏسي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، ايس پي سي ٽي ڊي موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪامران نالي دهشتگرد مارجي ويو، جنهن جو تعلق پابندي پيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان هو، پوليس موجب مارجي ويل دهشتگرد جا 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب مارجي ويل دهشتگرد ايس ايس پي چوڌري اسلم جي گهر تي حملي جو مک ڪردار هو، جڏهن ته ڪراچي ۾ امجد صابري جي قتل ۽ ٻين سڪيورٽيءَ فورسز تي حملن ۾ پڻ ملوث هو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل جوابدار جي عدم بازيابي تي گهرو ۽ بچاءَ جي سيڪريٽرين تي 20 لک ڏنڊ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل جوابدار جي عدم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے