16 جمعہ , نومبر 2018

وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس سيوهڻ کي جديد سهولتون ڏيڻ جو فيصلو

Murad Ali Shah In Mettingڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس سيوهڻ کي جديد سهولتون ڏيڻ ۽ ڊاڪٽرز جي کوٽ فوري طور پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  اجلاس ۾صحت وارو وزير سڪندر مينڌرو ۽ سيڪريٽري فضل الله پيچوهو سميت ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽريز، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ مشين تي روزانو 100 کان وڌيڪ مريضن جي ڊائيلاسز مشڪل آهي، تنهنڪري وڌيڪ ٻن مشينن جي گهرج آهي.  وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انسٽيٽيوٽ ۾ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي جو 96 اساميون خالي آهن جنهن ۾ اسپيشلسٽس به شامل  آهن.  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڊائلاسز مشينن جي خريداري ۽ اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي خالي پيل اسامين تي مقررين جي هدايت ڪئي.  وڏي وزير چيو ته 32 ڪروڙ روپين جي رقم جاري ٿي چڪي آهي، 15 ڏينهن اندر رهيل ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، اڏاوتي ڪم جي معيار تي ڪمپرومائيز نه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ 20 ربيع الاول تائين قلم 144 لاڳو، ٻيلهه سواري تي به پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ ۾ 20 ربيع الاوال تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے