20 منگل , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن عمران خان جي اثاثن بابت سوال ڪري رهي آهي جنهن جو جواب نٿو ملي: مريم اورنگزيب

Mariyamاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف ادارن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي اثاثن بابت سوال ڪري رهي آهي جنهن جو جواب نه ٿو ملي.  اسلام آباد پريس ڪلب ۾ صحافين جي ڀلائي ۽ تحفظ بابت مباحثي دوران ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ مان به لاڳيتو غير حاضر رهي آهي.  سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان جي اثاثن بابت سوال ڪري رهي آهي پر ان کي جواب نه ٿو ملي، تحريڪ انصاف ادارن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي.  هن چيو ته چونڊ سڌارا سندن حڪومت کان اڳ ڪنهن به نه آندا، صحافين جي ڀلائي ۽ تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے