18 اتوار , نومبر 2018

پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو، ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن کي آئين تحت سزا ملي آهي: طلال چوڌري

Talalاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ڪلڀوشن معاملي تي پاڪستان کي ڌمڪي ڏيڻ تي نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو، ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن کي آئين تحت سزا ملي آهي.  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ طلال چوڌري چيو آهي ته هو ڀارتي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهن، پاڪستان خلاف سازش برداشت نه ڪئي ويندي.  نواز ليگ اڳواڻ چيو ته ڪلڀوشن ياديو کي آئين تحت سزا ملي آهي، هو ڪنهن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهن.  اي اين پي اڳواڻ زاهد خان چيو آهي ته ڀارتي رويي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے