15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪلڀوشن کي موت جي سزا ۽ پاڪ-ڀارت لاڳاپا

ڀارتي جاسوسُ ڪلڀوشن کي موت جي سزا اچڻ واري معاملي کانپوءِ ڀارت جي جي پرڏيهي وزير سشما سوراج ڪالهه پارليامينٽ جي مٿين ايوان يعني راجيا سڀا ۾ پاليسي بيان ڏيندي ڌمڪي ڏني آهي ته ڀارت ڪلڀوشن کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين ويندو. هن اها ڌمڪي به ڏني آهي ته ڪلڀوشن واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي ته پاڪستان ٻه طرفن لاڳاپن جي خطرن کي به نظر ۾ رکي.

ٻئي پاسي پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف ڪالهه سينيٽ ۾ پاليسي بيان ڏيندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشت گردي ڪندڙ، پاڪستان جي سالميت خلاف ڪم ڪندڙ، ڀلي سرحد پار کان اچن يا پاڪستان جي اندر اِن هجن، انهن سان ڪا به رعايت نه ٿيندي.

هن چيو ته ڪلڀوشن کي سمورن قانونن کي نظر ۾ رکندي موت جي سزا ٻڌائي وئي، هن تي ساڍن ٽن مهينن کان ڪيسُ هلي رهيو هو، ڏوهاري چاهي ته سٺ ڏينهن ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو. ڪلڀوشن جي معاملي ۾ سڀئي شيون قانون مطابق ڪيون ويون.

ڀارت جي پاڪستان جي معاملن ۾ کينئس ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي تاريخ، ڀارت طرفان به پاڪستان تي مداخلت جا الزام ته لڳندا رهيا آهن پر ڪلڀوشن وارو معاملو ان ڪري به مختلف آهي جو ثبوتن سان ثابت ٿيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو ڀارتي سامونڊي فوج جو آفيسر آهي، هو ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ جي تحت ڪم ڪندي ايران رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ بلوچستان ۾ مبارڪ پٽيل جي نالي سان ڪم ڪندو رهيو. هو دهشت گرديءَ جي ور چڙهيل بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ تخريبي ڪاررواين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪجهه عنصرن جي مدد ڪري رهيو هو ۽ کين همٿائي به رهيو هو.

ڀارت هن سڄي معاملي تي جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، ڌمڪي آميز جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي، سو حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ برابر آهي. پاڪستان ۽ ڀارت دوست نه پر دشمن ملڪ ۽ مخالف پاڙيسري طور سڃاتا وڃن ٿا، ڀارت ۾ ڪو دِلو به ڀڄي ٿو ته ان جو بنا ڪنهن جاچَ جي ٺَهَه پَهَه الزام پاڪستان تي مڙهيو وڃي ٿو، سو اهڙن مخالفت ۽ ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن هوندي هڪ ملڪ جو جاسوس سوبه حاضر فوجي آفيسر جي ٻئي ملڪ طرفان گرفتار ٿئي، جاچَ دوران هو تخريبي ڪاررواين ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف به ڪري ته ڇا ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ نه گهرجي؟ پاڪستان گذريل چند ڏهاڪن کان انتهائي ڳنڀير صورتحال مان گذرندو رهيو آهي، افغان جنگ کانپوءِ هيءُ ملڪ دهشت گرد ڪاررواين جي لپيٽ ۾ آهي، ملڪ جي ڪابه ڏسا ڪابه ڪنڊ شايد ئي دهشت گردن ۽ انتهاپسندن جي ڪاررواين کان محفوظ هجي. پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جا جيڪي به وڏا واقعا ٿيا آهن، وڏيون ڪارروايون ٿيون آهن، تن جي جَڙ افغانستان ۾ ملي ٿي، افغانستان ۾ وري قنڌار واري ڀارتي سفارت خاني جي پاڪستان مخالف ڪردار بابت پاڪستان نه رڳو مختلف عالمي فورمن تي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي ۽ خود افغانستان ۽ ڀارت سان به احتجاج ڪندو رهيو آهي.

پاڪستان دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ مُهڙ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ڪري به رهيو آهي، پاڪستان جي ان ڪردار کي عالمي برادري ساراهيندي به رهي آهي ۽ ان کان اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي. نه رڳو ايترو پر دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ته ادا ڪندو رهيو آهي پر هن خطي ۾ افغانستان کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ دهشت گرديءَ جو شڪار به رهيو آهي. پاڪستان اندر فوج سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ عامُ شهري دهشت گردن جي نشاني تي رهيا آهن. پنجٽيهه هزارن کان وڌيڪ جوان ۽ هزارين شهري دهشت گرديءَ جي ور چڙهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هڪ ملڪ دهشت گرديءَ خلاف وڙهي به رهيو هجي ۽ دهشت گرديءَ ۾ وڏيون قربانيون به ڏئي چُڪو هجي ۽ ڏئي رهيو هجي، اهڙي عالم ۾ ان ئي ملڪ اندر پاڙيسري ملڪ جو هڪ حاضر سروس فوجي آفيسر جاسوسي ڪندي پڪڙجي ته ان تي عالمي برادريءَ کي جيڪو ردعمل ڏيکارڻ گهرجي، سو نه ڏيکاريو وڃي ته ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه ۽ ٻٽو معيار اختيار ڪرڻ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.

بلڪل سڄي دنيا اندر موت جي سزا تڪراري بڻيل آهي، پاڪستان ۾ به ان سزا تي راءِ ورهايل رهي آهي، پر پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشت گرد حملي کانپوءِ دهشت گردن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ لاءِ موت جي سزا جو سلسلو بحال ٿيو هو. پاڪ، ڀارت لاڳاپا ان صورت ۾ ئي معمول تي اچي سگهندا، جڏهن هڪٻئي جي معاملن ۾، ملڪن ۾ مداخلت کان مڙندي حقيقت پسند ٿي مسئلا سمجهن ۽ حل ڪجن. عالمي برادريءَ کي پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺندي ننڍي کنڊ ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

اربع 12 اپريل 2017ع، 14 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثقافتي ڏينهن جو نعرو: تعليم پرايو، ثقافت بچايو

دنيا ۾ ڪنهن به قوم جو ثقافتي ورثو نه صرف ان قوم جي سڃاڻپ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے