17 پیر , دسمبر 2018

رواداري جو اهم نشان ڀڳت ڪنور رام

اڄ کان 132 ورهيه اڳ  جروار ڳوٺ  ۾ پيدا ٿيل  سنڌ جي سورمي امر ڀڳت ڪنور رام  جو جنم ڏينهن آهي. اڄ سنڌ جي ڪراچي, رهڙڪي ، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ سندس ڏهاڙو وڏي احترام سان ملهايو پيو وڃي.

پنهنجي ٻاروتڻ ۾ ڪـنور رام ســنڌي پڙھڻ ويٺو، ان  کان پوءِ  فارسي پڻ سکيو،  ڪنور رام ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي پيءِ جي ٻنيءَ تي جھار ھڪليندو ۽ نار پڻ  ھلائيندو ھو.  ڪجهه وقت کان پوءِ درٻار ۾ ھڪ سنت سترامداس کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو. اتان ئي ڪنور رام، سترامداس جي سُنگ شامل ٿيو ۽ سنڌ جي سنتن جو سرتاج بڻجي ’ويو. سنت سترام داس جو  پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه ڏسي هو ھميشه لاءِ سندس صحبت  ۾ رھي پيو ۽ اتي ئي رهي ڀڳتي ۽ سنگيت جي سان رچي ريٽو ٿيو.

اڳتي هلي ڪنور رام پنھنجي ٽوليءَ سان گڏ ڀڳت ڪرڻ لاءِ ٻاھر وڃڻ لڳو ته ڪيترائي غريب ۽ يتيم وٽس سوال کڻي ايندا ھئا، جيڪيڀڳت ڪنور رام  پورا ڪندو ھو. ھڪ ڀيري ھڪڙي سواليءَ نياڻيءَ  جي شاديءَ ۾ مدد لاءِ سوال ڪيو. ڪنور رام اتي جھولي جھلي سون چانديءَ جي ڳھن سان گڏ روڪڙا رپيا جمع ڪري سواليءَ کي ڏنا. اھڙيءَ طرح ڪنور رام ڪيترن ئي سوالين جي مدد ڪندو رھيو. ان دوران کيس جيڪي ڪجهه ملندو ھو، اھو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو.ڀڳت ڪنور رام  وٽ ھندو مسلم جو مت ڀيد نه ھو، ڪو به سوالي ايندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو .

ھن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪيءَ جو نئون بنياد وڌو. سنڌ ۾ ڀڳتي ڳائڻ جو انداز پڻ ٽولن جي صورت ۾ وجود ۾ آيو. . ڀڳت ڪنور رام  جو  ٽولو  ھونئن ته مشھور ھو، پر ڀڳت صاحب سدائين اڪيلو ڳائيندوھو ۽ اھڙي ته منفرد انداز ۾ ڳائيندو ھو، جو ھن مھل تائين راڳ جي دنيا ۾ ڀڳت ڪنور جي ڳايل صوفيانه ڪلام جو نقل ڪرڻ مشڪل آھي.

ڀڳت ڪنور رام جنهن کي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ رواداري جي دشمن قوتن قتل ڪيو، تنهن ڀڳت ماڻهن ۾ ويڇا ۽ وٿيون مٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جي هجڻ سان انسانيت جو مان مٿانهون پئي ٿيو، ان کي انسانيت جي ويري قوتن رڪ اسٽيشن تي قتل ڪري ڇڏيو هو. زندگي جي آخري ڏينهن مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد انسانيت جي دشمن هڪ وحشي شخص  بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري وڌو  . گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگرجي اسٽيشن  تائين ڀڳت جو رت وھڻ ڪري  هو امر ٿي ويو.

وقت گذرڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ انتهاپسندي جي واڌاري جي ڪري وري اهڙن ڀڳتن جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي، جيڪي سڄي ملڪ جي عوام ۾ اهنسا، سهپ ۽ علم جو درس ڏين ۽ جهالت خلاف پنهنجا جهنڊا بلند ڪن.

خميس 13 اپريل 2017ع، 15 رجب المرجب 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

مهين جي دڙي جي تهذيب جهڙو ”سوڀو گيانچنداڻي“

سنڌ جي مردم خيز مٽي تاريخ جي هر دور ۾ اهڙن املهه انسانن کي جنم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے