14 بدھ , نومبر 2018

ملڪ ڏکيائين مان نڪري پيو، 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي: وزيراعظم

nawaz-sharifچڪوال ( م ڊ ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان گذريل اڍائي سالن ۾ ڪيترن ئي مشڪلاتن تي ضابطو آندو آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان سمورن چئلينجن کي منهن ڏئي خوشحال ملڪ بڻجي ويندو. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن چڪوال جي ڳوٺ ڀرسان مشهور نعت خوان عبدالرزاق جامي جي گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي.  وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان اڳتي وڌي، ترقي ڪري، لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿئي. هن چيو ته اسان لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ مون کي يقين آهي ته 2018ع تائين جڏهن اسان جي حڪومت جو مدو ختم ٿيندو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي چڪو هوندو. محمد نواز شريف چيو ته اسان چاهيون ٿا ته آبادگار ترقي ڪن، پورهيت به ترقي ڪن، حڪومت انهن سان گڏجي حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪري، اهڙي طرح عام ماڻهو جي حالت به بهتر ٿيڻ گهرجي ۽ ان لاءِ اسان ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آهستي آهستي مشڪلاتن مان ٻاهر نڪري رهيو آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان پنهنجي سمورين مشڪلاتن تي ضابطو آڻي وٺندو ۽ هڪ خوشحال ملڪ بڻجي ويندو. وزيراعظم چيو ته ڀرپر ۽ چڪوال جي عوام مسلم ليگ (ن) کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو ان تي هو عوام جو ٿورائتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے