18 منگل , دسمبر 2018

خريف جي مند ۽ پاڻيءَ لاءِ نهاريندڙ سنڌ

                         خريف جي مند مٿان اچي بيٺي آهي پر سنڌ جا هاري ۽ آبادگار پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن، ڪشمور کان وٺي سامونڊي پٽيءَ تائين سنڌ پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن جي ڪري آڳاٽي خريف جي فصلن جهڙوڪ سارين ۽ ڦٽين وغيره جي پوکي متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي.

سنڌ جي زراعت واري ايوان به آچر ڏينهن حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته روهڙي ڪينال جي پڇڙي ٽنڊو محمد خان ڊويزن ۾ گذريل ايڪويهن ڏينهن کان پاڻي بند آهي، جنهن جي ڪري ٽنڊو محمد خان ۽ ان کان هيٺ وارا علائقا بنجر بڻجي ويا آهن، پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ ڦٽين/ ڪپهه جي پوکي به سخت متاثر ٿي آهي.

اجلاس ۾ گهوٽڪيءَ جي آبادگارن گڊو بئراج جي واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ بارداڻو نه ملڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته هر سال گدو بئراج جي کاٽيءَ جا اعلان ته ٿيندا آهن پر کاٽي نه ٿيندي آهي. اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته وقت تي پاڻي نه ملڻ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ امدادي پيڪيج ڏنو وڃي. آبادگارن کي بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ۽ پاڻيءَ جي کوٽ به ختم ڪئي وڃي.

پاڪستان بنيادي طرح هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي جي ستر سيڪڙو آباديءَ جو گذر سفر زراعت تي ئي آهي، سنڌ وري ننڍي کنڊ تي انگريز راڄ دوران متعارف ڪرايل جديد آبپاشي نظام جي ڪري هن شعبي ۾ خوشنصيب ليکي ويندي هئي پر جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي، سنڌ اندر زرعي شعبو زوال جو شڪار ٿي رهيو آهي.

سنڌ ۾ ڪڻڪ، سارين، ڪپهه، ڀاڄين توڙي ميون وغيره جي کوجنا جا مرڪز جهڙي نموني زراعت جا نت نوان طور طريقا ٻڌائيندا هئا، نيون جنسون ۽ ٻج متعارف ڪرائيندا هئا، هڪ ته اهو عمل رڪجڻ ڪري زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، ٻيو ته مسلسل پاڻيءَ جي کوٽ سنڌ جي زراعت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. پاڻي کوٽ هجي تڏهن به سنڌ عذاب ۾ پر جي ٻوڏ هجي تڏهن به سنڌ عذاب ۾.

سنڌ پڇڙ ۾ هئڻ ڪري منڍ ۾ ويٺل پنجاب پنهنجي ضرورت آهر پاڻي پيو استعمال ڪري مورڳو ضرورت کان به وڌيڪ ذخيرو ڪرڻ ۽ بجلي گهرن وغيره جي تعمير لاءِ استعمال ۾ آڻي ٿو. جيڪو بچي ٿو سو سنڌ ڏانهن ڇڏيو ٿو وڃي، سو سنڌ، پڇڙ ۾ هئڻ ڪري آزار ۾ آهي، 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب صوبن کي پاڻي وڌيڪ هجي تڏهن به هڪ جيترو ڀائيوار هجڻو آهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ به ونڊي ورهائي کڻڻي آهي پر هتي ٿيئي ائين ٿو ته پاڻيءَ جي کوٽ سنڌ جي ئي ڪنڌ ۾ پئي ٿي، اصل ۾ زير زمين پاڻي جنهن کي اسان جَرُُ چئون ٿا، سو به پنجاب جو مٺو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ جَرُ کارو ٿي ويو آهي، پنجابي صنعتن جي گدلي پاڻيءَ سنڌ جو مٺو پاڻي به ايترو ته آلودو ڪري ڇڏيو آهي جو اهو استعمال جي صورت ۾ ڪيئي موذي مرضن جو سبب بڻجي ٿو، ٻوڏ واري زماني ۾ وري درست انگ اکر ملي نه سگهڻ جي ڪري سنڌ ڏچي ۾ هجي ٿي.

2010ع واري مها ٻوڏ دوران جڏهن پاڻي گڊو ۽ سکر بئراجن دوران ٽِڪَ ڪري بيهي رهيو ۽ سکر بئراج مان پاڻيءَ جو ايترو وڏو ريلو گذارڻ مشڪل ٿي ويو ته ٻنهي بئراجن جي وچ ۾ ٽوڙي بند ٽٽو، جنهن سنڌ کي جيڪو نقصان رسايو، سنڌ جي جيڪا زراعت، ۽ بنيادي ڍانچو، شهر ۽ ڳوٺ  ٻوڙيا ۽ تباهه ڪيا، سو سنڌ جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ باب بڻجي چڪو آهي.

ساريون، ڪپهه ۽ ڪمند، ڪيش ڪراپ يعني روڪ رقم وارا فصل ليکجن ٿا، انهن فصلن سان آبادگارن ۽ هارين جون خوشيون، مرادون ۽ اميدون سلهاڙيل هجن ٿيون، پر خريف جا هي اهم فصل گذريل ڪجهه سالن کان شديد بحران ۾ آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشت بحران جي ور چڙهيل آهي، هڪ پاڻي کوٽ ٻيو حڪومتي سطح تي جوڳي ۽ جامع رٿابنديءَ جي اڻ هوند، سنڌ جي زراعت کي تباهيءَ جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ آڳاٽي خريف جي مند شروع آهي، ڪڻڪن ۾ لابَ شروع آهن، لاب لهڻ کانپوءِ آبادگار خريف جي فصلن جي پوکيءَ ۾ جنبي ويندا آهن، پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو آهن، جڏهن ريج لاءِ پاڻي هجي، ٻيجارو پوکڻ لاءِ پاڻي هجي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ اندر مجموعي طرح پاڻيءَ جي کوٽ آهي پر اهڙي صورتحال ۾ منڍ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ سنڌ کي ٻڌائڻ بنا استعمال ڪرڻ وارو رويو جي ختم ڪجي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ واري صورتحال بهتر بڻائي سگهجي ٿي، ٻيو ته جيڪو پاڻي آبپاشي نظام اندر موجود آهي، تنهن جي مناسب ۽ شفاف استعمال کي يقيني بڻائڻ جي به ضرورت آهي، سنڌو درياههَ جي پاڻيءَ جو نظام هلائيندڙ اختياري يعني ارسا کي 1991ع واري ٺاهه تحت صوبن ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ گهرجي، گڏوگڏ سنڌ سرڪار کي به اوليتون طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي، مثال طور خريف جو فصل جتي آڳاٽو ٿئي ٿو اتي اڳ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، ۽ جتي پهچڻ گهرجي، زراعت جي تباهيءَ سان سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي معيشت تباهه ٿي ويندي، جنهن جا خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا، سو سنڌ جي زرعي معيشت کي بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اڱارو 18 اپريل  2017ع، 20 رجب  1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس جي ذخيرن واري صوبي سنڌ ۾ گئس جي قلت

70 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ ۾ سي،اين.جي اڻڄاڻايل مدي تائين بند ڪئي وئي آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے