15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائيون، 11 جوابدار گرفتار

Policeڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس مختلف ڪارروائين دوران دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. پي آءِ بي ڪالوني جي ڪرنال پاڙي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري درويش آفريدي گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد يعقوب عرف فوجي گرفتار ڪيو. منگهي پير ڪنواري ڪالوني ۾ پوليس گهر گهر جهڙتي دوران 23 شڪين کي گرفتار ڪري سڃاڻپ جا دستاويز تصديق ۽ ڪريمنل رڪارڊ جي  چيڪنگ جي لاءِ پير آباد ٿاڻي منتقل ڪيو. فريئر پوليس به چار اسٽريٽ ڪرمنلن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته گلبرگ مان اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪياماڙي مان ٽي جڏهن ته ٽيپو سلطان پوليس ٻه جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حيدرآباد: مولوي جي ٻارن تي تشدد جي ويڊيو وائرل، پوليس گرفتار ڪري ورتو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پوليس مسجد ۾ ٻارن تي تشدد ڪندڙ مولوي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے