20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پاناما ايشو تي قوم جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي: فضل الرحمان

Fazal Al rehmanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاناما ايشو تي قوم جو وقت ضايع پيو ڪيو وڃي، پاناما فيصلي جو انتظار ڪرڻ سان ڪو به طوفان نه ايندو. مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مردان واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، ملالا واقعو هجي يا مشال ڪيس، اهي سيڪيولر ايجنڊي جون ڪڙيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته توهين مذمت قانون ڪنهن صورت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے