17 ہفتہ , نومبر 2018

پنجاب اسيمبليءَ ۾ گو نواز گو جا نعرا، ايوان ۾ سخت ڇڪتاڻ

Punjab-Assemblyلاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت قرارداد جمع ڪرائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن سراپا احتجاج بڻجي وئي ۽ ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، تفصيلن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ به اڄ گو نواز گو جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، اسيمبلي گو نواز گو جي نعرن سان گونجي اٿي، اپوزيشن پنجاب اسيمبليءَ ۾ گلي گلي ۾ شور هي جا نعرا لڳايا، مخالف ڌر اڳواڻ محمود الرشيد اسيمبلي ۾ چيو ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي، جنهن تي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي کيس پنهنجي آفيس ۾ اچڻ جو چئي ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته ججن وزيراعظم کي ڪلين چٽ ناهي ڏني، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي رانا محمد اقبال موقف اختيار ڪيو ته قرارداد آڻڻ لاءِ 14 ڏينهن اڳ ٻڌائڻو پوندو آهي، ان تي اپوزيشن ليڊر محمود الرشيد چيو ته اهو اسان جو استحقاق آهي پر اسپيڪر صوبائي اسيمبلي ان جي اجازت نه ڏني، احتجاج دوران اسپيڪر پنجاب اسيمبلي رانا اقبال هر هر پنهنجي مٿي تي هٿ ڦيريندو رهيو ۽ آرڊر پليز ۽ اپوزيشن ميمبرن کي سيٽن تي ويهڻ جي گذارش ڪندو رهيو، حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد ٻنهي طرفن کان گو نواز گو ۽ رو عمران رو جا نعرا بلند ٿي ويا، وزيراعظم خلاف قرارداد جي اجازت نه ملڻ تي مخالف ڌر ميمبرن ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، انهن مطالبو ڪيو ته نواز شريف جي استعيفيٰ بابت قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے