17 ہفتہ , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ | ڪراچي : چڪرا ڳوٺ جي رهواسين پاران ڀتاخوري خلاف احتجاج

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي چڪرا ڳوٺ جي رهواسين پاران ڳوٺ ۾  منشيات جي سرعام وڪري،ڀتا خوري خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪراچي پريس ڪلب اڳيان شاهنواز ڪوريجو، علي نواز ڪوريجو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾   احتجاجي مظاهرو ڪيوويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  چڪرا ڳوٺ مان منشيات،ڀتا خوري مان جان آجي ڪرائي وڃي، منشيات فروشن خلاف ترت  ڪاروائي ڪئي وڃي

احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته

 چڪرا ڳوٺ ۾ ڪيترائي غير قانوني ڪم هلي رهيا آهن، جنهن جي اڳواڻي عاشق چانڊيو ڪري رهيو آهي.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته عاشق چانڊيو نالي شخص ڳوٺاڻن کي يرغمال بنائي ورتو آهي ۽ هٿياربندن جي مدد سان ڳوٺ مان ڀتو وصول ڪري رهيوآهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے