20 منگل , نومبر 2018

پروگرام ”سرن جي دنيا“ ۾ ناليواري ڳائڻي صنم ماروي کي ڀيٽا

صنم ماروي 7 ورهين جي عمر ۾ ئي ڳائڻ جي تربيت وٺڻ شروع ڪئي، سندس پيءُ فقير غلام رسول، جيڪو پڻ ڪلاسيڪل راڳي هو، کيس شروعاتي ٻن ورهين تائين راڳ جي تربيت ڏني. هن صوفي راڳڻ عابدا پروين وٽان به ڳائڻ جي فن جي سکيا ورتي. صنم ماروي پي ٽي وي جي موسيقي پروگرام ”ورثا“ تان ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترائي صوفياڻا ڪلام چئي چڪي آهي. صنم ماروي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي ۽ کيس صوفياڻي محفلن سبب سڃاتو وڃي ٿو. هن سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪيترائي ڪلام چيا آهن، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، بابا بلي شاهه ۽ وارث شاهه جي شاعري شامل آهي. سندس مشهور ڪلامن ۾ ”پرچن شال پنهوار، منهنجا يار مٺا، الله هو، جبل مٿي جُهڙ ۽ ٻيا شامل آهن. صنم ماروي جو چوڻ آهي ته صوفياڻو ڪلام ڳائڻ سان مون تي وجد طاري ٿي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پروگرام |سنڌ رنگ ثقافتي جشن

سنڌ رنگ ثقافتي جشن | ميزبان: سنيتا اوڏ، امتياز لغاري،

4 تبصرو

  1. I Like very much this program. Specially the role Mr. Imtiaz Laghari whose way of talking inspired me.

  2. We love you Dear Imtiaz Laghari you are doing best, To promote your culture is a very proudful thing. Kept up. Our best wishes are always with you.h

  3. thankyou hub ali

  4. very nice hosting….. God bless u …
    ese he program hamari sindh ka naam roshan kr skty hn… good

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے