20 منگل , نومبر 2018

لنڊن ۾ ڇُريون هڻي مارڻ جا واقعا خطرناڪ حد تائين وڌي ويا

londonلنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ چاقو هڻي مارڻ وارن حملن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو آهي ۽ رڳو هڪ هفتي ۾ 6 ماڻهن کي چاقو هڻي قتل ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب گذريل ڏينهن لنڊن جي مک علائقي ۾ ڇُريون هڻڻ جا ٻه واقعا پيش آيا، جن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو  ۽ ٻئي کي زخمي حالت ۾ اسپتال روانو ڪيو ويو. اختيارين موجب برطانيا ۾ رڳو 2016ع ۾ قتل ۽ چاقو جي حملن جا 40 لک کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا، جيڪي 2015ع جي ڀيٽ ۾ 9 سيڪڙو وڌيڪ آهن. لنڊن ۾ گذريل ڏينهن به هڪ شخص کي ڇُرين سان ڀريل ٿيلهي سميت گرفتار ڪيو ويو ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ واقعي جي جاچ دهشتگردي جي دائري ۾ ڪري رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هيٽي ۾ ڪرپشن خلاف پرتششد مظاهرن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي

پورٽ او پرنس( ويب ڊيسڪ ) هيٽي ۾ حڪمرانن جي اربين ڊالرن جي ڪرپشن خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے