13 منگل , نومبر 2018

عوامي آواز: رپورٽ: حيدرآباد: پ پ پاران احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ وفاق جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ  وارو سلوڪ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

پ پ اڳواڻ  نثار کهڙي ، شرجيل انعام ميمڻ، سسئي پليجو، امداد پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن حيدر چوڪ  وٽ گو نواز گو جا نعرا هڻي ڌرڻو هڻي استيعفيٰ  جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي، حيدرآباد ڊويزن جي صدر علي نواز شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته نواز شريف جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته نواز حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪري سنڌ کي بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جي ورچاڙهي ڇڏيو آهي.

سندن چوڻ هو ته سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب سنڌ جو عوام سخت عذاب مان گذري رهيو آهي.

 هنن چيو ته هڪ طرف وفاقي حڪومت سنڌ کي ترقياتي منصوبن ۾ مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ زرعي پاڻيءَ روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي رهي آهي.

 هنن چيو ته نواز حڪومت جون سموريون پاليسيون سنڌ جي خلاف آهن، جيڪي سنڌ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيون آهن.

رپورٽ: يوسف ميربحر

ڪئميرامين: حضور بخش

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے