22 جمعہ , فروری 2019

صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو ۽ مٺائي کائڻ سان 9 ڄڻا اسپتال پهچي ويا

Sehatبهاولنگر (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي مختلف علائقن ۾صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو ۽ مٺائي کائڻ سان 9 ڄڻا اسپتال پهچي ويا آهن،  بهاولنگر ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سان 5 ڄڻا بيهوش ٿي پيا ۽ وهاڙي ۾ به مٺائي کائڻ وارن 4 ٻارن کي  اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، چشتيان شهر ۾ زال، مڙس ۽ 3 ٻارن کاڌوکاڌو ته 5 جي حالت بگڙجي وئي، 5 ئي متاثرن کي ڪوڪو تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر اسپتال آندو ويو، جنهن ۾ زال مڙس ۽ ڏيڍ سال جي ڌيءَ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، وهاڙي ۾ جنرل بس اسٽينڊ ويجهو هڪ دوڪان تان مٺائي خريد ڪري کائڻ وارن 4 ٻارن جي حالت بگڙجي وئي آهي، ٻارن جو تعلق صادق آباد ۽ انيس ڊبليو بي سان آهي، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند جي ننڊ جو سبب منجهند جي ماني نه پر دماغ آهي؟

سڊني (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان اهو سمجهو ٿا ته منجهند جي ماني کائڻ سبب ننڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے