18 جمعہ , جنوری 2019

عوامي آواز رپورٽ | پهرين مئي : مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

پهرين مئي تي سڄي دنيا جا پورهيت پنهنجن انهن ساٿين جي ياد ملهائين ٿا جيڪي پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ تي ماريا ويا هئا

پهرين مئي 1886 تي آمريڪا جي شهر شڪاگو جا مزدور سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن پاران ٿيندڙ استحصال جي خلاف رستن تي نڪتا پر پوليس مظاهرين تي گوليون وسايون جنهن جي نتيجي ۾ سوين مزدور مارجي ويا

2 مئي کان 6 مئي تائين شڪاگو ۾ سمورن ڪارخانن۾ هڙتال رهي ۽ مظاهرن توڙي جلوسن جو سلسلو جاري رهيو،تڏهن هڪ مزدور اڇو ڪپڙو مقتول مزدورن جي رت ۾ رڱي ان مان جهنڊو ٺاهيو تڏهن کان هن وقت تائين ڳاڙهو جهنڊو پورهيتن جي جهنڊي طور سڃاتو وڃي ٿو

حڪومت مزدورن جا مطالبا تسليم ڪرڻ بدران اٺن مزدور اڳواڻن کي ڦاهي تي ٽنگيو جنهن سان تحريڪ ويتر زور ورتو

مذدور اڳواڻن جي قربانين جي نتيجي ۾ آمريڪي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ۽ مزدورن جي ڪم جو ڪل وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪرڻو پيو

تڏهن کان پهرين مئي جو ڏينهن شڪاگو جي مزدور شهيدن جي ياد ۾ هر سال ملهايو ويندو آهي ۽ بعد ۾ هن ڏهاڙي عالمي حيثيت اختيار ڪري ورتي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪراچي: نجي اسڪولن ۾غير اخلاقي مضمون پڙهائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ نجي اسڪولن ۾ غير اسلامي ۽ غير اخلاقي مضمون پڙهائڻ خلاف درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے