21 جمعرات , فروری 2019

نريندر مودي جي طيب اردگان سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

Modiنئين دهلي (ويب ڊيسڪ): نئين دهلي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان وچ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران واپاري، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي ملاقات بعد جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي يو ته ٻنهي قومن وچ ۾ اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي هڪ گڏيل مسئلو آهي، جنهن کي ڪو به خطو جائز قرار نٿو ڏئي سگهي، طيب اردگان جو چوڻ هو ته ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپن تي ڳالهيون ٿيون، ان ملاقات کان اڳ ٻنهي اڳواڻن هڪ ڪاروباري ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ضرورت پوڻ تي ڀارتي شرپسندي جو ڀرپور جواب ڏيندو: مليحا لوڌي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پلواما واقعي کانپوءِ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان گڏيل قومن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے