19 بدھ , دسمبر 2018

پير جوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن پيءَ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

pirgjo gothپير جو ڳوٺ ( ويب ڊيسڪ ) پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪيٽي پير زمان شاھ ۾ هٿياربندن حملو ڪري  لعل بخش ۽ سندس نوجوان پٽ عبدالجبار شيخ کي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. مقتول نوجوان جي زال سفينه شيخ جو چوڻ آهي ته هٿياربندن فائرنگ ڪري بيگناھ سندس سهري ۽ سندس مڙس کي قتل ڪيو آهي. مقتول پيرسن جي پٽ حفيظ شيخ چيو ته خروس برادري جي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي. هن چيو ته ڪافي عرصو اڳ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري خروس برادري جو مارجي ويو هو جنهن جنهن جو الزام مٿن هڻي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.  ٻئي طرف عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي پوليس مقتولن جا لاش کڻائي پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن وارثن حوالي ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جون ڳالهيون ڪروڙن جون ۽ دڪان پڪوڙن جو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سڌُ سماءَ، قانون ۽ اينٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے