13 منگل , نومبر 2018

پاڪستاني اداڪارا مديحا امام جو بالي ووڊ ۾ ڊيبيو

madihaلاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا مديحا امام ڀارتي فلم ”ڊيئر مايا“ ۾ ڪم ڪندي نظر ايندي. ان حوالي سان پنهنجي تازي انٽرويو ۾ مديحا جو چوڻ هو ته فلم ۾ منهنجي ڪردار جو نالو ”عينا“ آهي، 16 ورهين جي اها ڇوڪري شملا ۾ رهندي آهي، جنهن جي بهترين دوست جو نالو ”ايرا“ آهي، عينا پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ عورت بابت ڄاڻڻ چاهيندي آهي، جيڪا 20 ورهين کان اتي ئي رهي ٿي. فلم جي ڪهاڻي سنينا ڀٽناگر لکي آهي، جڏهن ته هدايتون به ان ئي ڏنيون آهن. مديحا وڌيڪ ٻڌايو ته فلم جي ڪهاڻي دوستي، پيار، خاندان ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪري ٿي، ان کي رومانوي يا ڪاميڊي نٿو چئي سگهجي پر منهنجي خيال ۾ اها هڪ ڊراما فلم آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه پيش ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے