16 منگل , اکتوبر 2018

يو ٽيوب ۾ خاموشي سان وڏي تبديلي ڪئي وئي

Youtube01ڪراچي (ويب ڊيسڪ): چيو وڃي ته يوٽيوب پاڪستان ۾ وڊيوز ڏسڻ جي حوالي سان سڀ کان مقبول سائيٽ آهي ته غلط نه ٿيندو، توهان کي علم آهي ته گوگل جي ويب سائيٽ اڄ خاموشيءَ سان هڪ وڏي تبديلي ڪري ڇڏي آهي، اڱاري کان يوٽيوب ويب سائيٽ کي مڪمل طور تي بدلجڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، هاڻ ان ويب سائيٽ جو ڊزائين بلڪل نئون هوندو جنهن کي توهان به آزمائي سگهو ٿا، اوهان هن لنڪ https://www.youtube.com/new  تي وڃي نئين ڊزائين جي لاءِ سائن اپ ٿي سگهو ٿا جيڪو مسلسل هر هڪ لاءِ دستياب هوندو، بهرحال ان نئين ڊزائين جي سڀني صارفن تائين فراهمي ۾ ڪيترو وقت لڳي سگهندو، اهو چوڻ هن وقت ممڪن نه آهي، تنهن ڪري ان کي چيڪ ۽ استعمال ڪري سگهو ٿا، يوٽيوب طرفان ڪيل اعلان موجب سائيٽ  ڊزائين جي اپ ڊيٽ ميٽرل ڊزائين تي ٻڌل آهي، جيڪا گوگل جي پنهنجي تيار ڪيل ڊيزائين لينگويج آهي، گوگل جو چوڻ آهي ته ان نئين ڊزائين سان ڪمپني کي مستقبل ۾ تيزي سان نئين فيچرز جو اضافو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، يوٽيوب جو نئون هوم پيج هاڻ ڪجهه هيئن نظر ايندو

Youtube02

 ان کانسواءِ ان ۾ نئين ڊارڪ ٿيم به شامل آهن، جنهن سان توهان پنهنجي اڪائونٽ جي تصوير تي ڪلڪ ڪري هيٺ ڊارڪ ٿيم کي آن ڪري استعمال ڪري سگهو ٿا،ان کان سواءِ هاڻ چينل پيجز هيئن نطر ايندا .

Youtube05

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quetta will represent Galilee Elements in the fourth edition of pslTanvir PSL

سهيل تنوير پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي نمائندگي ڪندو

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) آل رائونڊر سهيل تنوير پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے