17 ہفتہ , نومبر 2018

عجيب بيماري، جنهن ۾ ٻار پوڙهو نظر اچي ٿو

هن ٻار جو نالو محمد عبدالمجيد آهي، جنهن جي عمر 7 سال آهي، کيس ”پروگيريا ڊس آرڊر“ جو مرض آهي. ان بيماري ۾ انسان پنهنجي عمر کان ڪيترو ئي وڏو نظر ايندو آهي، عبدالمجيد کي 7 مهينن جي عمر ۾ اها بيماري ظاهر ٿي. سندس دل هڪ ڪراڙي ماڻهو جيان آهي ۽ هو عام ٻارن وانگر نٿو کيڏي سگهي، ڇو ته هو جنهن وقت کيڏندو آهي ته سندس دل ۾ گهٻراهٽ ٿيندي آهي. هو جڏهن به پنهنجو مُنهن آئيني ۾ ڏسندو آهي ته کيس ڪاوڙ ايندي آهي، جنهن سبب سندس والدين پنهنجي مان سڀ آئينا لاهي ڇڏيا آهن. متاثر ٻار عبدالمجيد جو چوڻ آهي ته مان اسڪول وڃڻ چاهيان ٿو پر ٻيا ٻار مون کي سڪون سان پڙهڻ ناهن ڏيندا. مان چاهيان ٿو ته ڊاڪٽر منهنجي مدد ڪن ته جيئن مان پڙهي سگهان. مان علاج لاءِ جرمني وڃڻ چاهيان ٿو ۽ مون کي به ڊاڪٽر بڻجڻ جي خواهش آهي. ”پروگيريا ڊس آرڊر“ جو مرض 20 ملين مان ڪنهن هڪ کي ٿيندو آهي. ”پروگيريا ڊس آرڊر“ جا متاثر ٻار گهڻي قدر دل جي مرضن سبب مري ويندا آهن. اهڙي بيماري ۾ ورتل ٻار جي عمر وڌ ۾ وڌ 14 ورهيه هوندي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے