10 پیر , دسمبر 2018

آرمي چيف جو حيدرآباد گريزن جو دورو، ٿر ۾ آپريشنل ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ

Army Chaifحيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف چيو آهي ته پاڪ فوج کي قومي تعمير جا منصوبا شروع ڪرڻ تي فخر آهي، منصوبا عوام لاءِ خدمت جو حصو آهن. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته آرمي چيف ميجر جنرل قمر جاويد باجوا حيدر آباد گريزن جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا، آرمي چيف جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪ فوج 2014ع کان هن وقت تائين ٿر جي متاثرن ۾ 4 هزار ٽن راشن ورهايو، جنهن مان هڪ لک 90 هزار خاندان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. آرمي چيف کي آگاهي ڏني وئي ته ميڊيڪل ڪئمپ ۾ هڪ لک 61 هزار مريضن کي فائدو ۽ 6 لک آبادي ۽ 7 لک لائيو اسٽاڪ کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا فوجي جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج کي قومي تعمير جا منصوبا شروع ڪرڻ تي فخر آهي، منصوبا عوام لاءِ خدمت جو حصو آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿرڪول منصوبي جي متاثرن لاءِ 95 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر بلاڪ (ٽو) جي 12 سئو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے