14 جمعہ , دسمبر 2018

ڪيتريون ئي گهوٻيون آهن، گهڻن معاملن جي جاچ ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم نواز شريف

pm nwawzاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميٽرو بس لنڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته رٿا جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميٽرو بس رٿا جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته  باوقار ملڪ لاءِ اهڙيون رٿائون ضر وري آهن. هن چيو ته اسلام آباد کي ميٽرو بس منصوبي سان لنڪ ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ٻن سالن جون رٿائون 20 سالن اندر به مڪمل نه ٿينديون هيون. وزيراعظم نواز شريف چيو ته روڊ ٺهندا ته هارين کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته منصوبن کي تيزيءَ سان مڪمل ڪيو  پيو وڃي، رٿائون مڪمل نه ٿيڻ سان شهرين کي تڪليف ٿيندي آهي جنهن کي قبول نه ڪيو  ويندو. سندس چوڻ هو ته جنهن ملڪ کي ترقي ڪرڻي هوندي آهي اتي ترقي رفتار به تيز هئڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته هن ملڪ ۾ ڪيتريون ئي گهوٻيون آهن، گهڻن معاملن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جا جيترا اسڪينڊل آهن، جنهن تي جيترو ڳالهائي گهٽ آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته مخالفن کي الله کي هدايت ڏئي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مولانا سميع الحق جي قتل جي جاچ، پرسنل سيڪريٽري گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلاف (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قتل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے