11 منگل , دسمبر 2018

پاناما فيصلي ۾ ٻن ججن ڪوڙو ۽ 3 ججن قطري خط کي رد ڪيو: خورشيد شاهه

Khurshed Shahسکر (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جو ڪم رڳو ووٽ وٺڻ ناهي، واعدا پورا ڪرڻ به اسان جو ڪم آهي، سياستدانن جو ڪم ماڻهن کي بهترين سهولتون ڏيڻ آهي، هن چيو ته روهڙي ۾ گرلز ڊگري ڪاليج بڻائينداسين، سکر ۾ ڪينسر اسپتال جو بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پاناما ڪيس ۾ دفاع قطري خط کي رد ڪري ڇڏيو آهي، قطري خط ڪوڙو قرار ڏيڻ تي مني ٽريل جي خبر پئجي وئي، لاهور ۾ عوام جو پيٽ ڪٽي ميٽرو، اورينج ٽرين لاءِ سبسڊي ڏني ويندي، هن چيو ته بدقسمتي آهي ملڪ جو سربراهه پاڻ کي جانور چئي فخر محسوس ڪري رهيو آهي، پاناما فيصلي ۾ ٻن ججن ڪوڙو ۽ 3 ججن قطري خط کي رد ڪيو، بلاول ڀٽو چيو هيو پرڏيهي وزير مقرر ڪريو، دانش اسڪول، آشيانه اسڪيمون ڪاڏي ويون، اسان مسلم ليگ ن جي ڪرندڙ حڪومت کي بچائڻ جو موقعو ڏنو، اسان جو هر ايڪشن قانوني ۽ سياسي هوندو، نيلم جهلم اسان جي دور جو پراجيڪٽ آهي، اسان ڪجهه ڪريون ها ته چيو وڃي ها ته حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو، پنهنجي ڳلي ۾ جهاتي پايو، مور وانگر پير ڏسندئو ته سڀ خبر پئجي ويندي، هاڻي به مخالفن کي زرداري صاحب جا ڪيس نظر ايندا آهن، پاناما ڪيس ۾ نالو اچڻ باوجود اسان طرف آڱر کڻندا آهن، انهن ماڻهن زرداري کي 11 سال جيل ۾ وجهي احتساب ڪيو، هن چيو ته الله اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو، وزيراعظم پاڻ کي جانور چئي خوش ٿيندو آهي، جانور جي سوچ ڪهڙي هوندي آهي، اها سامهون آهي، پرڏيهي پاليسي ناڪام آهي، پرڏيهي وزير ناهي ۽ پرڏيهي وزارت به غير فعال آهي، هن چيو ته حالتون ۽ وقت سڀني کي هڪ جڳهه جمع ڪري ڇڏيندا آهن، پيپلز پارٽي وڏا لاها چاڙها ڏٺا آهن، دوستن کي دشمن ۽ دشمنن کي دوست بڻجندي ڏٺو آهي، پاڻي ناهي، گئس ناهي، بجلي ناهي، موٽا موٽا پراجيڪٽ نظر اچن ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ٻه رپين جي ماني، آشيانه اسڪيم، دانش اسڪول جي نالن تي بيوقوف بڻائيندا رهيا، پاڪستان جي سياست ۾ هر شئي ممڪن آهي، زرداري صاحب تي سمورا ڪيس ختم ٿي ويا، پوءِ به سندس نالو وٺندا آهن، اسان تي الزام لڳائيندڙ پهرين پنهنجو پاڻ ته نظر وجهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے