11 منگل , دسمبر 2018

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪوسٽر تي فائرنگ جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب   

mrad ali shah

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه حسن اسڪوائر ويجهو ڪوسٽر تي حملي جو نوٽيس ورتو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه حسن اسڪوائر ويجهو ڪوسٽر تي هٿياربندن جي حملي جو سخت نوٽيس وٺندي اي ڊي خواجه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته 48 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پرامن شهرين سان اهڙي قسم جي وارداتن کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته جنهن سوچ ڪراچي شهر جو امن بگاڙيو آهي اها سوچ ئي ختم ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن کي چونڊي چونڊي ختم ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے