15 ہفتہ , دسمبر 2018

پاڪ افغان سرحد ٽئين ڏينهن به بند، سڪيورٽي هاءِ الرٽ، متاثرن لاءِ خيما بستي قائم

pak ifghan sarhadچمن ( ويب ڊيسڪ ) افغان فورسز جي گولاباري جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ سبب پاڪ افغان چمن سرحد ٽين ڏينهن به بند آهي. 2 ڏينهن اڳ چمن سرحد تي افغان فورسز جي اڳرائيءِ کانپوءِ سرحد تي ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار آهي جنهن سبب سرحدي علائقي ۾ وڏا وڏا واپاري مرڪز بند آهن. سرهدي علائقن مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن لاءِ پراڻي چمن ۾ خيما بستي قائم ڪئي وئي آهي. سرحد جي ٻنهي پاسن کان سڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي ۽ هر قسم جي سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکي پئي وڃي، ڪلي مراد خان ۽ ويش منڊي ۾ آمدرفت آهستي آهستي بحال ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪلي لقمان ۽ ڪلي جهانگير ۾ سرحدي حد بندي لاءِ اڄ ٻنهي طرفن کان اختيارين جي آمد جو امڪان آهي. حڪومت طرفان متاثر ماڻهن لاءِ سرحد کان پنج ڪلوميٽر پري رهائش لاءِ عارضي خيمن جو انتظار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے