12 بدھ , دسمبر 2018

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مڪمل امن قائم ٿيڻ تائين ڪوششون جاري رکنداسين: آرمي چيف

Bajwaڪراچي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن پاڪستان جي استحڪام لاءِ ضروري آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان ڪور هيڊ ڪوارٽر ڪراچيءَ جو دورو ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز آرمي چيف جي آجيان ڪئي. ترجمان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد  باجوه کي آپريشن رد الفساد ۾ ڪاميابين تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. ترجمان موجب  آدمشماري ۾ مدد ڪرڻ تي به آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف هٿياربندن کي  قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ مڪمل امن قائم ٿيڻ تائين ڪوششون جاري رکيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے