18 اتوار , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ |کپرو : روڊن جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

*کپري ۾  روڊن جي اڏاوت جو ڪم ڪامورن جي بي ڌياني سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي  جڏهن ته روڊن جي اڏاوت ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي.

هٿونگو روڊ،ڀوپي روڊ،صادق خاصخيلي،روڊ سميت اڪثر روڊن جي تعمير ۾ وڏي پئماني تي  مبينا طور گھوٻيون ڪيون پيون وڃن

هٿونگو روڊ سميت اڪثر روڊن جي ڀرمان ڪرينن زريعي مٽي کڻڻ سبب روڊن جي ڀر ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن حادثن جي صورت ۾ وڏي نقصان جو خدشو بـ آهي جڏهن تـ روڊن کي ٻنهي پاسن کان 3 فٽ  بدران ٻه فوٽ ويڪرو ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته من پسند ٺيڪيدران کي مبينا طور ڪرپشن عيوض ٺيڪا ڏنا ويا آهن.

تر جي سياسي ۽ سماجي ڌرين جوچوڻ آهي ته ڪرپشن سبب روڊن جو اڏاوتي توڙي مرمتي ڪم بهتر نموني سان نه ٿي رهيو آهي ،هنن چيو ته من پسند ٺيڪيدارن کي مبينا طور رشوت عيوض ٺيڪا ڏانا ويا آهن جنهن ڪري روڊن جو مرمتي توڙي اڏاتي ڪم بهتر نموني سان نه ٿي رهيوآهي.

علائقي جي سياسي سماجي ڌرين توڙي شهرين سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته کپري ۾ ٿيل روڊن جي اڏاتي ۽ مرمتي ڪم ٿيل بدعنواني جو نوٽيس وٺي  ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن توڙي ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے