13 منگل , نومبر 2018

آئون ڪڏهن به نه جهڪيو آهيان ۽ نه ئي وري وڪاميو آهيان: چوڌري نثار

Choudhary Nisarراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته آئون ڪڏهن به جهڪيو ناهيان، وڪامجو ناهيان، پنهنجي موقف تان هٽيو ناهيان ۽ سڄي زندگي ۾ ڪا به فيڪٽري نه کولي ۽ ئي ڪو پيٽرول پمپ کوليو. راولپنڊي جي علائقي چونترا ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته اٽڪ کان ڪراچي تائين ڪيترن ئي تڪن مان اليڪشن وڙهڻ جي دعوت ڏني وئي پر مون هميشه پنهنجي تڪ جي عزت جو خيال ڪيو. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته 1985ع ۾ چونترا ۾ ڪٿي  به بجلي، پل ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام نه هو. اسان چونترا ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ بجلي فراهم ڪئي،. جتي رڳو گڏهه هلندا هئا اتي روڊ ٺهرايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي پريس ڪلب وارو معاملو: سنڌ حڪومت حملي جي مڪمل جاچ ڪرائيندي: ناصر شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه  چيو آهي تھ سنڌ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے