19 پیر , نومبر 2018

تکيون مٺيون ڳالهيون | سنڌ سهپ وارو خطو هجڻ ڪري سمورين نفرتن جي خلاف رهيو آهي: نثار احمد کهڙو

رڳو سنڌ جي تعليم کاتي نصاب مان نفرتون ختم ڪيون: عالمي مذهبي آزادي ڪميشن آميريڪا جي اهم رپورٽ جاري
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ٻڌمت، هندو، زرتشت ۽ عيسائي عقيدن جي تاريخ ۽ ڄاڻ شام ڪئي وئي آهي.
تعليم کاتي جيڪي سڌارا ڪيا آهن، اهي اڳ ڪڏهن نه ٿيا آهن( ڊاڪٽر فوزيا خان، ادريس جتوئي ۽ فهيم نوناري جا پروگرام ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ ويچار
ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير تعليم نثار احمد کهڙي چيو آهي ته سنڌ نصاب کي جمهوري بڻائڻ وارو پهريون صوبو ۽ سنڌ اسيمبلي ”نصاب ائڪٽ“ پاس ڪرڻ واري تاريخي ڪم ڪرڻ واري پهرين اسيمبلي آهي. اسان پهرئين کان ستين درجي تائين نصاب کي آمريت کان صاف ڪيو آهي. سنڌ تاريخي طور هر قسم جي نفرت جي خلاف خطو رهيو آهي.18هين آئيني ترميم جي ڪري سنڌ ڪيترا اهم ڪم ڪري سگهي آهي. تعليم کاتي پاران آمرن ۽ آمريت هٿان نصاب جي بگاڙ کي ختم ڪري جمهوري بڻايو ويو آهي. عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ آميريڪا پاران عالمي مذهبي آزادي ڪميشن جي اهم رپورٽ جاري ٿيڻ تي هن پنهنجا ويچار پيش ڪيا. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ صوبي نصاب ۾ مذهبي ۽ ٻيون نفرتون ختم ڪري نصاب کي بهتر بڻايو آهي. جڏهن ته ڪي پي صوبي ۾ ”جهاد“ ۽ ٻين ڳالهين کي نصاب جو حصو بڻائي معاملي کي پيچيدو ڪيو ويو آهي . هن چيو ته اسان سنڌ ۾ نصاب جي لاءِ داڪٽر سليمان شيخ کان وٺي امداد حسيني، ڊاڪٽر محمد ميمڻ کان ڊاڪٽر جعفر احمد ۽ ٻين سان مسلسل لهه وچڙ ۾ اچي ان نصاب کي اول آمريت کان صاف ڪيو پوءِ ان کي جمهوري ۽ سائنسي بنايو آهي. هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه 18هين آئيني ترميم جي ڪري ٿي سگهيو. سنڌ ۾ نصاب جي لاءِ تعليم کاتي پاران ” سنڌ ڪريڪيولم ونگ“ جي سربراهه ڊاڪٽر فوزيا خان چيو ته سنڌ جي نصاب کي آهستي آهستي پرڏيهه ۾ به پذيرائي ملي پيئي. هن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي جا اهم ڪم ميڊيا کي اجاگر ڪرڻ گهرجن. هن دعوا ڪئي ته غلطيون ۽ خرابيون به آهن، پر تعليم کاتي جيڪي سڌارا ڪيا آهن، اهي اڳ ڪڏهن نه ٿيا آهن ۽ اسان جو خاص رخ انساني حق، سائنس ۽ جمهوري رويا آهن. هن چيو ته پرڏيهه مان ڪيترن ملڪن جا ماهر آيا تن سچي ملڪ مان رڳو سنڌ جي نصاب کي پسند ڪيو. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سينئر آفيسر ادريس جتوئي چيو ته هاڻي سنڌ جي نصاب ۾ ورهاڱي کان اڳ جو ۽ جديد سڀاءُ شامل ڪيو ويو آهي ۽ نصاب جي اهم خوبي هي آهي ته ان وسيلي نئين نسل جي خدمت ٿي سگهي ٿي، ڇوته ان کي بهتر ڪيو ويو آهي. بورڊ ۾ انگريزي جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ فهيم نوناري چيو ته اسان پنهنجا ڪتاب وڌيڪ رنگين ۽ وڻندڙ بنائڻ چاهيون ٿا ته جيئن انهن جي لاءِ وڌيڪ ڇڪ ۽ ڪشش ٿئي. هن چيو ته، ڪتابن کي بهتر ۽ ان جي مواد کي جديد ۽ سائنسي بڻايو ويو آهي ۽ انگريزي جي ڪتابن ۾ پڻ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جا درجا شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اهو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون دفعو ٿيو آهي ته هندن، عيسائين ۽ پارسين سميت هر قسم جي عقيدي جي تاريخ ۽ ان جي ڄاڻ جو مواد شامل ڪيو ويو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:نوابشاھ: جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ مرحبا جون صدائون بلند

نوابشاھ  ۾  ٻنهي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جي ولادت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے