13 منگل , نومبر 2018

عوامي آواز |سيوهڻ :گورنر سنڌ محمد زبير صوفي بزرگ حضرت سخي لال قلندر شھباز جي 765ھين عرس مبارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

گورنر سنڌ محمد زبير صوفي بزرگ  حضرت سخي لال قلندر شھباز جي 765ھين عرس مبارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند دنيا جي عظيم صوفي بزرگ جي نگريءَ ۾ پهچي ويا .

ان موقعي تي گورنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ سدائين پر امن رهي آهي، پر ڪجهه عنصر امن ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن سان سختي سان پيش اچبو.

سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته حضرت لال شهباز قلندر نه رڳو سنڌ  پر سموري ايشيا ۾ انسانذات سان محبت جو پيغام ڏنو ،سندس پيغام امن ۽ خوشحالي آهي .

گورنر محمد زبير چيو ته بم ڌماڪي جي متاثرين کي عرس مبارڪ بعد معاوضو ڏنو ويندو .

گوادر سانحي  بابت گورنر چيو ته  ڪجھه ڌريون سي پيڪ منصوبي کي ناڪام بنائڻ گهرن ٿيون، دهشتگردن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سندن اهڙين ڪارواين سان ڪو به فرق نه پوندو

ان کان اڳ  گورنر محمد زبير، سينئر وزير نثار احمد کهڙي ۽ ٻين سان گڏجي  قلندر لال شهباز جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے