20 منگل , نومبر 2018

چهري جون ڇائون ختم ڪرڻ جو طريقو

08

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڪثر ڪري ڇائون عورت جي چهري جي خوبصورتيءَ کي خراب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن جنهن سبب عورتون ڇائن مان گهڻيون پريشان هونديون آهن ۽ ڇائون ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فارمولا آزمائينديون آهن، اسان به اوهان کي ڇائون ختم ڪرڻ جا ڪجهه طريقا ٻڌائي رهيا آهيون جيڪي يقينن اوهان جي چهري جون ڇائون ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اهي طريقا هي آهن: 1: سڀ کان پهريان اوهان انب ۽ ڄمن جي ککڙين مان گورا (پِتا) ڪڍو ۽ انهن کي چڱي طرح پيسيو، انهن کي پيسڻ کانپوءِ ان ۾ ٿورو پاڻي ملايو، پوءِ ان جو ليپ پنهنجي چهري تي لڳايو. 2: سمنڊ جي گج کڻي ان ۾ ليمي جي رس ملائي چهري جي داغن تي لڳايو داغ مٽجي ويندا. 3: ٽيون ۽ آخري طريقو اهو آهي ته اوهان پٽاٽا اوٻاريو پوءِ انهن کي پيسي ٿورو لوڻ ملائي پنهنجي چهري تي لڳايو ته اوهان جون ڇائون ختم ٿي وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وارَن جا مسئلا ۽ انهن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏا ۽ مضبوط وارَ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ۽ نوجوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے