20 منگل , نومبر 2018

پوليس اسٽيشن ۾ به عملدارن کي چوري جو خوف

324887_37379806ڪراچي (ع آ نيوز) سنڌ حڪومت جا ڪارناما هر ڏينهن سامهون اچڻ لڳا، پر هڪ نئون ڪارنامو سامهون آيو آهي جنهن کي ٻڌي ماڻهو حيران ٿي ويندو، ڪراچي جي سول لائين ٿاڻي ۾ مختلف علائقن مان پڪڙيل بي يارو مدد گار بيٺل موٽر سائيڪلن کي هٿ ڪڙيون لڳل آهن،جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ پوليس هٿ ڪڙين جي کوٽ ڄاڻائي گرفتار ڪيل جوابدارن کي هٿن ۾ رسا وجهي عدالت ۾ پهچائڻ معمول بڻجي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل  چوري ٿيڻ جي ڊرپ کان انهن ۾ هٿ ڪڙيون لڳايون آهن، سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوليس اسٽيشن ۾ موٽر سائڪلن کي هٿ ڪڙيون چوري جي ڊرپ کان لڳايون ويون آهن، پر جيڪي چور چوري ڪن ٿا انهن کي رسن ۾ بند ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تائيوان ۾ اونڌو گهر، جنهن جو فرش مٿي، ڇت هيٺ ۽ هر شيءِ اونڌي آهي

تائپي (ع آ نيوز) تائيوان ۾ ٺاهيل اونڌو گهر سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے