16 جمعہ , نومبر 2018

دعا

download (3)تون ئي اسان جا حال ٿو ڄاڻين،

گذريل، ايندڙ سال ٿو ڄاڻين.

 

هر شيءَ جو تون خالق آهين،

عرب و عجم جو مالڪ آهين.

 

هر شيءِ تنهنجي تابع آهي،

تنهنجي حڪمت جامع آهي.

 

سج چنڊ تارا تو ئي بڻايا،

نوري نظارا تو ئي بڻايا.

 

جڳ سڄي جو والي تون ئي،

ڪون و مڪان جو مالهي تون ئي.

 

هر ڪنهن کي ٿو رزق رسائين،

پنهنجي قدرت پاڻ پسائين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناني

ناني مون کي  ڀائيندي آ، ڏاڍو دل سان چاهيندي آ.   روز ٻڌائي ٿي آکاڻيون، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے