21 بدھ , نومبر 2018

اوندهه ۾ کاڌو کائو ۽ پنهنجو وزن گهٽايو

nofoodڪراچي (ع آ نيوز) سائنسدانن چيو آهي ته اوندهه ۾ کاڌو کائڻ جسماني وزن ۾ تيزي سان گهٽتائي آڻڻ جو بهترين طريقو آهي، جرمني ۾ ٿيندڙ هڪ تازي طبي تحقيق مطابق اودهه ۾ کاڌو کائڻ سان دماغ جو اهو حصو متحرڪ ٿي ويندو آهي، جيڪو نه ڏسندڙ غذا جي استعمال تي ڳڻتي ۾ وٺجي ويندو آهي ته ڪا نقصان پهچائيندڙ شيءِ جسم جو حصو ته نه بڻجي ويندي. تحقيق مطابق اوندهه ۾ کاڌو کائيندڙ ماڻهو 9 سيڪڙو گهٽ غذا استعمال ڪندا آهن. عالمي صحت واري اداري جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ سال 2015ع جي ختم ٿيڻ تي مردن ۾ ٿولهه جي شرح 27 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 34 سيڪڙو هئي. رپورٽ مطابق ٿولهه جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو نائون وڏو ملڪ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تائيوان ۾ اونڌو گهر، جنهن جو فرش مٿي، ڇت هيٺ ۽ هر شيءِ اونڌي آهي

تائپي (ع آ نيوز) تائيوان ۾ ٺاهيل اونڌو گهر سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے