14 بدھ , نومبر 2018

آسٽريليا جي ريسٽورينٽ ۾ هڪ ٻار چوري ڪندي مشن ۾ ڦاسي پيو

461596-child-1456762635-848-640x480ميلبورين (ع آ نيوز) يورپي ملڪن ۾ ٻارن جي پسند واريون شيون اڪثر ڪري وينڊگ مشن ۾ رکيون وينديون آهن، جنهن ۾ پئسا وجهو ۽ توهانجي پسند جون شيون ٻاهر نڪري اينديون، پر آسٽريليا ۾ ڪجهه مختلف ٿيو، جتي هڪ ٻار انهيءِ مشن کي پهريون ڀيرو ڏٺو ته حيرت ۾ وٺجي ويو، نظر ايندڙ سڀني شين کي فري ۾ سمجهي پئسا وجهڻ بدران اُهي شيون کڻڻ لڳو، جڏهن ته ان وقت سندس هٿ چور پڪڙڻ واري خاني ۾ ڦاسي پيو ۽ 6 ڪلاڪن کانپوءِ هٿ کي ڪڍيو ويو، خابرو ادارن موجب آسٽريليا جو هڪ ڪٽنب جڏهن ميلبورين ۾ قائم هڪ ريسٽورينٽ ۾ پهتو ته اتي ساڻس گڏ 4 سالن جي ٻارڙي کي شين سان ڀريل وڏي مشن نظر آئي ۽ انهيءَ مان پنهنجي پسند جون شيون کڻڻ لاءِ پهتو۽ بسڪيٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو انهيءَ جو هٿ چور پڪڙجڻ واري خاني ۾ ڦاسي پيو.جنهن کانپوءِ ٻارڙي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ امدادي ٽيم کي گهرايو ويو،جنهن 6 ڪلاڪن جي محنت کانپوءِ ٻار جو هٿ مشن مان ٻاهر ڪڍيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تائيوان ۾ اونڌو گهر، جنهن جو فرش مٿي، ڇت هيٺ ۽ هر شيءِ اونڌي آهي

تائپي (ع آ نيوز) تائيوان ۾ ٺاهيل اونڌو گهر سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے