14 بدھ , نومبر 2018

ماڻهو روڊن تي آيا ته ميان صاحب اوهان کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي: بلاول ڀٽو

Bilawal

نوري آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ بجليءَ جي فراهمي بينظير ڀٽو جو خواب هو، سنڌ حڪومت نوري آباد کان ڪراچي کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ٽرانسميشن لائين وڇائي رهي آهي، اڄ بينظير ڀٽو جو خواب پورو ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري نوري آباد ۾ 100 ميگا واٽ بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت ۽ خانگي ڪمپني جي ڀائيواري سان ٺاهيو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب هن عمر ۾ به غلط بياني ڪري رهيو آهي پر ن ليگ قوم کي گهڻو وقت بي وقوف نٿي بڻائي سگهي. هن چيو ته نواز شريف لوڊشيڊشنگ ختم ڪرڻ جا واعدا پورا ناهن ڪيا، سحري ۽ افطار ۾ به لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اهو ئي حال رهيو ته ماڻهو روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، ائين ٿيو ته ميان صاحب، توهان کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب عوام نه پر توهان جا وزير چور آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

SC-mandated JIT summons Azam Swati in probe against assets, alleged misconduct

مس ڪنڊڪٽ وارو معاملو: جي آءِ ٽي اڄ اعظم سواتي کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڙيسڙين جي جهيڙي ۽ آءِ جي اسلام آباد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے