19 ہفتہ , جنوری 2019

سنڌ ۾ توانائي بحران هٿرادو پيدا ڪيل آهي، ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين: وڏو وزير

Murad Ali shahنوري آباد (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پهرين رمضان تي سنڌ جا 13 ضلعا اونداهه ۾ هئا، ن ليگ کي سنڌ ۾ احتجاج نظر نٿو اچي. نوري آباد ۾ گئس تي هلندڙ 100 ميگا واٽ پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ توانائي جو بحران هٿرادو پيدا ڪيل آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ هنگامي قدم کنيا آهن، پاور پلانٽ سان ڪراچي ۾ شارٽ فال گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، حيڪسو پنهنجو نظام درست ڪري غريبن کي بجلي ڏئي. پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ميمبر پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ڇو آهن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جا ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے