16 جمعہ , نومبر 2018

اسحاق ڊار پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

Ishaq darاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مٽيءَ جي تيل ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪا واڌ ناهي ڪئي وئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 1.20 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 60 پئسا في ليٽر گهٽتائي آندي وئي آهي. هاڻ پيٽرول جي نئين قيمت 72.80 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت، جيڪا اڳ ۾ 83 رپيا في ليٽر هئي، هاڻ 81.40 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے