17 ہفتہ , نومبر 2018

نهال هاشمي جي تقرير جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

pakاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳوڻي اڳواڻ نهال هاشمي جي تقرير جو چيف جسٽس آف پاڪستان پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. نهال هاشمي جي تقرير جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺندي کيس ذاتي حيثيت ۾ سپريم ڪورٽ گهرائي ورتو آهي. سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پڻ جوڙي وئي آهي، جيڪا سڀاڻي پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. واضح رهي ته سينيٽر نهال هاشمي پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي سنئين سڌي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف نوٽيس وٺندي سندس پارٽي جي بنيادي ميمبر شپ ڪري ڇڏي ۽ کيس سينيٽ جي رڪنيت تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے