18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستان ۾ تماڪ واپرائڻ سبب هر سال لک کان وڌيڪ ماڻهو حياتي وڃائي ويهن ٿا

smokingڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ (ورلڊ نو ٽاباڪو ڊي) تماڪ جي خاتمي وارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هن سال ان ڏينهن کي ”تماڪ، ترقي جي راهه ۾ خطرو“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. گڏيل قومن جي صحت واري اداري جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان کي انهن ملڪن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، جتي تماڪ واپرائڻ سبب دل جا مرض، اسٽروڪ، ڪينسر جهڙيون بيماريون جنم وٺن ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو مري وڃن ٿا، رڳو اهو ئي نه پر پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن 15 ملڪن ۾ ٿيندو آهي، جتي تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال سڀني کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر قيصر سجاد موجب تماڪ واپرائڻ سبب هر سال وڏي انگ ۾ ماڻهو مري وڃن ٿا، لڳ ڀڳ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو هر سال تماڪ واپرائڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين، جن ۾ ڪينسر جا مريض سڀ کان گهڻا هوندا آهن، جنهن ۾ منهن، ڳلي، ساهه جي نلي ۽ ڦڦڙن جو ڪينسر شامل آهي، مري وڃن ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڊ ڪندڙ ملازمن لاءِ معاوضي جو اعلان…!

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ ملازم ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن، جنهن سبب انهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے