22 جمعرات , نومبر 2018

ناريل جي پاڻي جا فائدا

coconutwaterڪراچي (صحت) ناريل جي سخت تهه ۾ محفوظ قدرتي مزيدار پاڻي ڪيترن ئي طبي مسئلن جي علاج لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان استعمال ٿي رهيو آهي. ناريل جو پاڻي ڪمزوري ۽ اسپورٽس ڊرنگ طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. ناريل ۾ پوٽا شيم ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جي مقدار وڌيڪ هوندي آهي. ٻين ميوون جي جوسن ۽ اسپورٽس ڊرنگ جي ڀيٽ ۾ ناريل جي پاڻي ۾ مٺاڻ جي مقدار گهٽ هوندي آهي. جنهن انسان ۾ اليڪٽرو لائٽس جي گهٽتائي هوندي آهي، انهن جي لاءِ ناريل جو پاڻي اليڪٽرو لائٽس وڌائڻ جو قدرتي ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ناريل جو پاڻي پيئڻ سان انساني جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي ختم ٿيندي آهي ۽ تيزابيت به گهٽ ٿيندي آهي. ناريل جو پاڻي پيئڻ سان منهن ۾ جهريون ۽ گهنج ناهن پوندا ۽ اسڪن جا ٽشو مضبوط ٿيندا آهن. ناريل جو پاڻي گردن جي پٿري ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اوجاڳو شگر سميت ڪيترن ئي خطرناڪ مرضن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)امريڪي ماهرن جديد طبي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوري ننڊ نه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے