21 اتوار , اکتوبر 2018

ٻارن سان گڏ ڪتاب پڙهڻ سان سندن ذهني صلاحتيون تيز ٿينديون آهن: ماهر

Reading Bookسنسناٽي (ويب ڊيسڪ)  جيڪڏهن توهان پنهنجن ٻارن کي ڪهاڻيون نٿا ٻڌايو ته اڄ کان توهان اهو ڪم شروع ڪري ڇڏيو ڇو ته ٻارن سان گڏ ويهي ڪهاڻيون ۽ ڪتاب پڙهڻ سان سندن ذهني صلاحتيون وڌنديون آهن ۽ يادگيري ۾ واڌ، سمجهڻ جي بهترين قوت ۽ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي صلاحيت به پيدا ٿيندي آهي. آمريڪا ۾ سنسناٽي چلڊرن اسپتال ميڊيڪل سينٽر  جي ماهرن ان بابت هڪ سروي ڪيو ۽ فنڪشنل ميگمنيٽگ ريزوننس اميجينگ ( ايف ايم آر آءِ) ذريعي ڪتاب پڙهڻ دوران چئن سالن جي ٻارڙن جو جائزو ورتو، جڏهن ٻارڙا ڪهاڻيون ٻڌي رهيا هئا ته ان وقت سندن دماغ ۾ غير معمولي سرگرمي محسوس ڪئي وئي. ماهرن والدين ۽ ٻارڙن جي وچ ۾ ”مڪالماتي پڙهائي“ ڪرائي جنهن جو مطلب آهي ته والدين پڙهندا هئا ۽ ٻارڙا کين ٻڌندا هئا ۽ والدين ان ڪهاڻي سان لڳاپيل شين بابت ٻارڙن کان سوال جواب پڻ پڇندا رهيا. ان  مطالعي جو سربراهه ڊاڪٽر جان هٽن آهي جنهن جو چوڻ آهي ته ماءُ  پيءُ  پنهنجي ٻارڙن سان ڪهاڻيون پڙهن ۽ ٻارڙن کي لفظ به پڙهائن، کين  صفحو مٽائڻ ڏين ۽ انهن کان سوال جواب پڻ  ڪن، اهڙي نموني دماغ کي هڪ قسم جي خوراڪ ملندي ۽ دماغ سپر چارج ٿي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

World Food Day 2018:These Are Foods Lowest In Fat Content

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے