16 جمعہ , نومبر 2018

” هندي ميڊيم “ ۾ صبا قمر جي اداڪاري وديا بالن کي به موهي وڌو

vidyaممبئي( شوبز نيوز ) پاڪستاني اداڪاره صبر قمر پنهنجي بالي ووڊ فلم هندي ميڊيم ۾ شاندار اداڪاري سبب وديا بالن کي به پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي. 19 مئي 2017ع تي رليز ٿيل فلم هندي ميڊيم ۾ صبا قمر ۽ عرفان خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم ۾ مزاحيه انداز ۾ انگلش ۽ هندي جي سماجي مسئلي کي موضوع بڻايو ويو آهي جنهن کي ڏسندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو. هندي ميڊيا ۾ صبا جي بهترين اداڪاري جي وديا بالن به ديواني بڻجي وئي آهي ۽ سندس اداڪاري جي صلاحيتن جي تعريف ڪندي کيس واٽس ايپ تي پيغام موڪلي ڇڏيو. وديا پنهنجي پيغام ۾ صبا کي فلم جي ڪاميابي تي واڌايون پيش ڪندي چيو ته اڄ مان فلم هندي ميڊيم ڏٺي ۽ پاڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ توهان جو نمبر حاصل ڪيم، مان رڳو توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته توهان فلم ۾ تمام گهڻو سٺو لڳي رهيا هئا، مٺو جي ڪردار کي قبول ڪرڻ سولو نه هو ۽ اهو اهڙو ڪردار هو جنهن کي ماڻهو آساني سان پسند نه ڪندا آهن پر توهان ان  کي غير معمولي بڻائي ڇڏيو. ٻئي طرف صبا قمر وديا بالن جو بيان شيئر ڪندي چيو ته کيس يقين نه ٿو اچي ته وديا سندس تعريف ڪئي آهي، هوءَ تمام گهڻي خوش آهي ۽ اها سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے