19 پیر , نومبر 2018

انب کائڻ جا فائدا

mengoڪراچي(صحت) انب هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو ايشيائي ميوون جو بادشاهه به سڏيو ويندو آهي. انب مثاني کي طاقت ڏيندو آهي. انب آنڊن کي به قوت ڏيندو آهي. جيڪڏهن وڇون ڏنگ هڻي ته انب جا تازا نڪتل گل هٿن ۾ مهٽيو، وڇون جنهن جاءِ تي ڏنگ هنيو هجي ان جاءِ تي هٿ ڦيرايو وڇون جي زهر جو اثر گهٽجي ويندو. انب کائڻ سان صحت سٺي ٿيندي آهي ۽ انسان ٿلهو ٿيندو آهي. جيڪڏهن مٺا ۽ تازا انب ڪنهن اميد واري عورت کي کارايا وڃن ته ان جو ٻار تندرست ۽ صحتمند پيدا ٿيندو، انب جو آچار بک کي وڌائيندو آهي. انب اکين جي روشني کي قوت ڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ٻار کي کير پياريندڙ عورت روزاني تازا انب کائي ته ان جي کير ۾ اضافو ٿيندو. انب جي پتن جي چانهه پيئڻ سان جسماني ڪمزوري، دماغي ڪمزوري ۽ هڏڪي ختم ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن نزلو يا زڪام ٿئي ته انبڙي کي باهه ۾ ڀُڃي ڳڙ جي شربت ۾ انبڙي جو رس ملائي پيئڻ سان آزام ملندو آهي.ان کان سواءِ بي رونقي، جسم جي خشڪي ۽ مثاني جي پٿري کي ختم ڪرڻ لاءِ روزانو صبح جو گراڙا ڪرڻ کان اڳ ٽي تولا انب جو استعمال ڪجي ته باقاعده فائدو حاصل ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انساني نڪ ۾ بيڪٽريا کان بچائڻ وارو مڪمل نظام دريافت

ميسا چيوسيٽس(ويب ڊيسڪ)ماهرن نڪ ۾ جراثيم ۽ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو هڪ اهڙو منظم نظام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے