16 منگل , اکتوبر 2018

ڊيڄاريندڙ خواب مسقبل جي مرضن کان خبردار ڪرڻ ۾ مددگار

مونٽريال( ويب ڊيسڪ ) دماغي ۽ اعصابي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اڪثر خوفناڪ، عجيب ۽ غريب توڙي تشدد سان ڀرپور منظر وارا خواب ڏسندڙ ماڻهو پارڪنسن کان وٺي ڊيمنشيا ائين ڪيترن ئي دماغي بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ماهرن موجب اسان جو دماغ ڊيڄاريندڙ خوابن ذريعي مستقبل جي بيمارين کان خبردار ڪندو رهندو آهي ته جيئن بچاءَ لاءِ وقت تي اپاءَ اختيار ڪري سگهجن ٿا. يونيورسٽي آف ٽورانٽو ۽ ڪئنيڊا ۾ نفسيات جي ماهرن جي ڪ ٽيم دريافت ڪيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي لاڳيتو عجيب ۽ غريب خواب ڏسندا آهن اهي امڪاني طور ايندڙ 15 سالن ۾ ڪنهن خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا. ماهرن انساني دماغ ۾ خاص قسم جي خلين تي ٻڌل هڪ اهڙو ڇڪو دريافت ڪيو آهي جنهن جو سڌو تعلق نه رڳو اسان جي سمهڻ جي انداز سان آهي پر مستقبل ۾ دماغي صحت ڄاڻڻ لاءِ هڪ پئمانو به ثابت ٿي سگهي ٿو. رپورٽ موجب جڏهن خلين جو ڇڳو پنهنجو ڪم درست نموني ڪندو رهندو آهي ته انسان رات وقت هلڪي انداز سان ننڊ ۾ هليو ويندو آهي ۽ عام طور ان کي خواب به نه ايندا آهن پر جيڪڏهن ان حصي ۾ خرابي ٿيڻ لڳي ته ننڊ ۾ خلل پوي ٿو ۽ باربار ڊيڄاريندڙ خواب نظر ايندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنڪ فوڊ جي عادت سگريٽ يا ڪنهن منشيات کان گهٽ ناهي : ماهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جنڪ فوڊ کي ڇڏڻ ايترو مشڪل ڇو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے