20 ہفتہ , اکتوبر 2018

انب هاءِ بلڊ پريشر ۾ فائدو ڏئي ٿو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هاءِ بلڊ پريشر کي مختلف غذائن جي مدد سان گهڻي حد تائين بهتر ڪري سگهجي ٿو پر ان صورتحال ۾ انب کائڻ توهان لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. اها ڳالهه نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. ٽيڪساس جي اي اينڊ ايم يونيورسٽي ۽ اوڪلاهاما اسٽيٽ يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق موجب گرمين جي موسم ۾ هر ڪنهن جي پسند جو ميوو انب صحت جي حوالي سان ڪيترائي فائدا ڏئي سگهي ٿو. تحقيق موجب انب بلڊ پريشر کي بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ بلڊ شگر کي ڪنٽرول ۽ پيٽ جي صحت پڻ بهتر بڻائي ٿو. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انب کائڻ جي عادت ميٽابولڪ مرضن ۽ ورم جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. ان تحقيق دوران مختلف رضاڪارن کي 6 هفتن تائين روز انب کارايا ويا، نتيجن مان خبر پئي ته انب جي استعمال سان جسم ۾ ورم ڪش فائدا وڌيا، جيڪا عام طور تي بلڊ پريشر جو سبب بڻجندي آهي. تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته انب کائي هاءِ بلڊ پريشر سان گڏوگڏ دل توڙي اڌ رنگ جي مرض کان بچي سگهجي  ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

World Food Day 2018:These Are Foods Lowest In Fat Content

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے