21 بدھ , نومبر 2018

چيميپئنز ٽرافي: ميزبان انگلينڊ هٿان ڪيويز کي 87 رنسن تان شڪست

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) چيميپئنز ٽرافيءَ جي ڇهين ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ جي ٽيم نيوزيلينڊ کي 87 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪارڊف ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي انگلش ٽيم 49.3 اوورن ۾ 310 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جو روٽ 64، ايليڪس هيلز 56 ۽ بين اسٽوڪس 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته جوز بٽلر 61 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 44.3 اوورن ۾ 223 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪپتان ڪين وليمسن 87 رنسن جي مزاحمتي اننگ کيڏڻ باوجود ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو. انگلينڊ طرفان ليام پلنڪيٽ بهترين بالنگ ڪرائيندي چئن رانديگرن کي پويلين موٽايو، جيڪ بال ۽ عادل رشيد 2-2، جڏهن ته مارڪ ووڊ ۽ بين اسٽوڪس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے